حسني قادري زين العابدين شاهه جيلاني

حسني قادري، زين العابدين شاهه جيلاني: سيد زين العابدين شاهه جيلاني، وقت جو ولي هو. سندس جواني، بزرگي ۽ وفات رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي زندگيءَ جي پيروي هئي. ننڍپڻ کان وٺي عشقِ رسول ۾ پاڻ کي سمائي ڇڏيو هئائين. پير صاحب جو شعر آهي:
اَڄ به آڌيءَ رات جو مون کي سُهڻو سرور ياد پيو،
ننڊ نيڻن جي ڦٽي، مون کي هوت هر هر ياد پيو،
عشق ٻارڻ ٻاريا، مون ماڳ مديني جا ساريا،
گهوڙا گهوڙا! ڪيئن گهاريان مون کي گهوٽ گوهر ياد پيو!
پير صاحب وٽ ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا، جنهن ۾ امير ۽ غريب جو متڀيد نه هوندو هو. سندس مجلس ۾ هميشه ذڪر رسول صلعم هوندو هو. پير صاحب خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو، کيس شاعريءَ تي به ملڪو حاصل هو. عام حالتن ۾ به سندس گفتگو پُر اثر، ادب ۽ سخن جو اعليٰ نمونو هوندي هئي. روزانو رات جو تهجد ادا ڪري، جماعت سان گڏ سرڪار مدينھ عليه الصلوات والسلام جي حضور صلاة سلام پيش ڪندو هو. سندس وفات به ڪرامت جو نمونو هئي. زندگيءَ جي آخري جمعي نماز ادا ڪري، اعلان ڪيائين ته ”جيڪڏهن مون تي ڪنهن جو به ڪو حق ۽ قرض هجي ته ادا ڪريان، شايد ٻيهر موقعو نه ملي.“ وصال واري رات سڀني مريدن ۽ خادمن کي گهرائي موڪلايائين. ان کان پوءِ اهل اولاد کي گهرائي ضروري وصيعتون ۽ نصيحتون ڪيائين ۽ چيائين ته اڄ رات چئين وڳي منهنجو وصال ٿيندو.“ پوري ٽين وڳي رات جو پنهنجي فرزند پير غلام شاهه جيلانيءَ کي گهرائي، مريدن خادمن جي موجودگيءَ ۾ کين صلاة ۽ سلام پڙهڻ جو چئي، پاڻ اشارن سان تهجد ادا ڪري، بستري تي جماعت سان گڏ صلواة سلام پڙهائي کين چيو ته منهنجا هٿ پير سڌا ڪريو ۽ ٺيڪ چئين وڳي رات جو وصال ڪيائين. سندس مزار نورائي شريف ۾ آهي، جتي ساليانو عرس 14 محرم جي رات عيقدت مان ملهايو ويندو آهي، ۽ 14 ربيع الاول تي خانقاهه عاليه جيلانيه، جيلاني هائوس مڪلي (ٺٽي) ۾ سندس فرزند پير غلام شاهه جيلاني عقيدت مان ملهائيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو